عَيشُ جي سنڌي معنيٰ
خوشي، لطف، راحت، موج، فرحت. خوشيءَ سان حياتي گذارڻ جي حالت، آسودگي، آرام، چين، سُک. نفساني يا جسماني لذت. عيش و عشرت.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Corporeal gratification, pleasure, enjoyment, luxury, revelry, voluptuousness.
عَيشُ جا بيتن ۾ حوالا
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، عَيشُ اَعرابِيَنِ،
اِنّا فَتَحْنا الَّذِيْنَ ، ٿا قُلوبان ڪَھَنِ،
لَحَمُ لَبَنُ گَڏُ ڪِئو، تَمَرُ تاڪُلُ ڪَنِ،
سَدائِين، سَيِّدُ چئَي، اَنُ نَہ چَکِئو اُنِ،
عُمَرَ بَندِياڻنِ، لاهي لوھَ نَہ ڇَڏِيين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 11 ]