سُڃِي جي سنڌي معنيٰ
ٻُڙِي، ڀينگيي، ڪنگال. مفلس، بُکي، محتاج. برباد. بيابان، صحرا، رڻ پٽ، بَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Desolate, waste, uninhabited, needy, penniless, necessitous, miserly. Nothingnees.
سُڃِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏيرَ ڏَمَرِجِي ھَلِئا، پائي اينڊَ پَلاڻَ،
وِجِهي گورِبَندَ گُنگَنِ کي، ڏيئِي تَنگنِ تاڻَ،
ڪارُون ڪِيَمِ ڪيتِرا، سَنجهي وِئا سَرواڻَ،
پُنهون ناھِ پَلَنگَ تي، سيڄَ سُڃِي ٿِي ھاڻِ،
مُون وَٽِ ٿِي مَھمانَ، راتِ نَہ رَھِئا ھيڪَڙِي.
[ سُر ديسي، ڏيرن جو ڏمر، 7 ]

اَڄُ پُڻ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳَ ماڪَ،
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
پُنهون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃي تاڪَ،
هَيْھَاتَ هَيْھَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ سُڃِي ٿِي اوطاقَ،
چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙِھي ھوتَ ھَلِي وِئا.
[ سُر ديسي، وديسي وَرُ، 4 ]
جاڳي جاڳي سَسُئِي، جان ھيجان ھَٿَ وِڌاءِ،
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ،
اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 11 ]
سيڄَ سُڃِي پِرِينءَ ريءَ، پُنهون پَٿَرِ ناھِ،
اُٿِيندي چَياءِ، گهوڙا گهَرِ نَہ سُپِرِين.
[ سُر ديسي، جبل ڏي نہ جواب، 11 ]
لُوٺِيَسِ لُڊاڻي، پَسان جو پِرِيَنِ ري،
جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي،
ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 30 ]
جيڏِيُون جيھائِي ڪِي، سيڄَ سُڃِي راڻي،
ھَلِبو ھاڻي، ويرا ڪاڪِ وِھُ ٿِي.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 30 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
cipher (n.)
late 14c., "arithmetical symbol for zero," from Old French cifre "nought, zero," Medieval Latin cifra, which, with Spanish and Italian cifra, ultimately is from Arabic sifr "zero," literally "empty, nothing," from safara "to be empty;" a loan-translation of Sanskrit sunya-s "empty." Klein says Modern French chiffre is from Italian cifra.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Desolate, waste, uninhabited, needy, penniless, necessitous, miserly. Nothingnees.