سُرِڪِي جي سنڌي معنيٰ
ڍُڪَ. چُڪو، ٻُٽو، ذرو، ٿورو، چُڪِي
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sip, sup, slurp
سُرِڪِي جا بيتن ۾ حوالا
سِرَ وَٽِ سَرو ساھَنگو، وَٺين ڇو نَہ وَرِي،
قَدرَ ڪيفَ ڪَمالَ جِي، خَبَرَ اِيءَ کَرِي،
سُرِڪِي جَنِ سَرِي، تَنِ جُون بَٺِنِ پاسِ بُٺِيُون.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 22 ]

توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]

جَي اَٿيئِي سَڌَ سُرڪَ ۾، وانءُ ڪَلاڙَڪيءَ ڪُوءِ،
مَھَيسَرَ جي مَندَ جِي، ھُتِ ھَڏِھِين ھُوءِ،
جانۡ رَمزَ پَروڙِيَمِ رُوءِ، تانۡ سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سَڳڻِي.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 20 ]