سَتُ جي سنڌي معنيٰ
سچ، سچائي، حقيقت. سيل، پاڪدامني، عصمت، لڄ، شرم، پردو، حَيا. ويساھ، ڀروسو، يقين. مضبوطي، پڪائي، اِستحڪام. سُلڇَڻُ. گڻ، خاصيت، وَصف. نچوڙ، مغز، جوهر، عرق، لب لباب، اصل روح. سارُ، مولُ، تَتُ. رَسُ. طاقت. وَسُ، پڄندي، مجالَ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Truth. The quality which gives endurance or lastingness in anything juicy, sap, strength. Chastity, virtue, honor, courage, boldness. Purity, realty, eternal, right, actual.
سَتُ جا بيتن ۾ حوالا
ووءِ ووءِ ڪَندِي وَتُ، مَڇُڻ ووءِ وِسارِيين،
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
پاڻِي ھارِ مَ پَڌِرو، رو مَنجهائِين رَتُ،
صَبُرُ وَڏو سَتُ، سِگها ميڙي سُپِرِين.
[ سُر حسيني، ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ، 2 ]
ماٺِ مارِيندِي پِرِينءَ جِي، مَتان رُوئين رَتُ،
ڇورِي ڇَڏِ مَ سَتُ، ھِمَٿَ ھوتُ وِڃايو.
[ سُر حسيني، جِيئڻُ ۽ مَرڻُ، 6 ]