سيگَهہ جي سنڌي معنيٰ
جلدي، جلدائي، ڇوٽ، سگهائي. ڦڙتائي، تيزي، تڪڙائي،شتابي، تڪڙ، تکائي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Speed, quickness.
سيگَهہ جا بيتن ۾ حوالا
ڪَرِ سَمُنڊَ سيواھاڻِ، ماڻِڪَ موتِي تي لَھين،
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
مَٿي چِلُڙَ چورِيين، وِھِيِن جِمَ وَڏاڻُ،
ڏيئِي ڏيڏَرِيُون ڏاڻُ ڪَڏِھِين سُڪِي ويندُءِ سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 9 ]
اَمُلُ اَساري پَئِي، ڀورِي ڀَڳُئِي جان،
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
ٻَئِي اَڌَ ھَٿِ ڪَري، سَري صَرافَنِ وانءُ،
تان تُون تِئان، سَڄو ڪَرائِين سيگَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 22 ]
وِڳَندُ وَرِي آئِيو، بَدُو سين بَدِبُوءِ،
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
خاوَندَ ڏي خُوشِبُوءِ، تَہ سَرَھو ٿِيان سيگَهہ ۾.
[ سُر بلاول، وڳند، 4 ]
مَدِيني جا شاھَ، سُڻُ مُنھِنجا سَڏَڙا،
ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 16 ]
ڪارَڻِ لَڳِ اللهَ، سِگهو رَسِجِ سيگَهہ ۾.
[ سُر ڏھر، اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو، 16 ]
English Meaning
Speed, quickness.