سوداگَرَ جي سنڌي معنيٰ
واپاري، تاجر، وڻجاري، تجارتي، واپار ڪندڙ، وڇائت، بنجاري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A merchant, trader.
سوداگَرَ جا بيتن ۾ حوالا
مانَ پُڇَنَئِي سُپِرِين، چِتَ ۾ چيتاريجِ،
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
ڇَڏِجِ ڪائي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،
وَکَرُ وِھائيجِ، سَڀَ سوداگَرَ سَچَ جو.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 6 ]
سوداگَرَ سَمُنڊَ جا، لاڄُو لالَ وَٽيجِ،
سِڙَه سَنباھَي سَقُلاتَ جا، کُوھا خُوبُ کَڻيجِ،
اَڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيجِ،
سَتَ سُکاڻِيُون سَنباھِ تُون، ڇَھَ ڇَڄَھِرِيُون اَڏيجِ،
سَٽِ ساري سَيِّدُ چئَي، پُوري پُڄائيجِ،
مُلا مُعلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پَرُوڙيجِ،
وَّسَقَاهُـمْ رَبُّهُـمْ شَرَابًا طَهُوْرًا ، پاڻِي پاڪُ پِيئيجِ،
جَنھِن کي سِڪي سَڀَڪو، پِرِين سو پَسيجِ،
لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سامُونڊِي سُتَڙِ ٿِيين.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 1 ]