دُرُستُ جي سنڌي معنيٰ
صحيح، پورو، برابر، ٺيڪ، دُرس، موزون، لائق.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Correct, right, fine, exact, able.
دُرُستُ جا بيتن ۾ حوالا
وَٽَ وَٽَ وَٽِيءَ ۾، مَٽَ مَٽَ مَندُ ٻِئو،
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
قَدُرُ ڪيفَ ڪَمالَ جو، پِياڪَنِ پِئو،
اَچَنِ دُرُستُ دُڪانَ تي، ڪَنڌَ قَبُولُ ڪِئو،
سُرَھا سِرَ ڏِئو، چَکَنِ سُرڪَ سَيِّدُ چئَي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، سري پيالو ۽ موکي متارا، 21 ]
ڪاڪُلَ ڪُٺِي جَا، ڪَفَنُ تَنھِن ڪونَہ ٿِئو،
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
سا دُرُستُ ٿِي دَفَنَ ري، تَنھِن تي ٻِي نَہ ڪا،
مَنجِهہ شَھادَتَ سا، لُڏي ۽ لاڏَ ڪَري.
[ سُر معذوري، ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون، 2 ]
ڪَمَرِ بَستا ڪاپَڙِي، جَنِ جي ڪَرَنِ ۾ ڪَچڪولَ،
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 1 ]
آڌِيءَ راتِ اُٿِي ڪَري، ڪَنِ حُسينِي ھولَ،
گِلا ۽ غِيبَتَ جا، سَڀَ ڀَڳائُون ڀولَ،
دُنِيا ڇَڏي دُرُستُ ٿِئا، ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ،
ڳوٺِ ڪِجاھِنِ ڳولَ، گَڏِجَنِ مانَ گَداوَ ۾.
[ سُر پورب، سامي سنياسي، 1 ]
سيئِي سُورَ طَبِيبَ، جَنِي سُورَ سَڃَ ڪِي،
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
جَو لِکِئو ھُتِ لَطِيفُ چئَي، سوئِي ڪَنِ قَرِيبَ،
جٖي نوازِئا نَصِيبَ، دارُونءَ سي دُرُستُ ڪِئا.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 4 ]
English Meaning
Correct, right, fine, exact, able.