حَمدَ جي سنڌي معنيٰ
خداپاڪ جون تعريفون، ساراھون، نيڪيون، واکاڻ، مَدَحَ، مداح، تعريف، ثنا، شڪرانا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Praise of Allah, poetical genre exclusively for praising Allah.
حَمدَ جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ پُنِيُون، ماءَ، مُون مُرادُون پُنِيُون،
جِھَڙِي پِريان ڳالِهڙِي، تِھَڙِي ٻِي نَہ ڪا،
ڪِجي تَہ ڪوڏُ ٿِئي، سُڄي تَہ سِيباءِ،
ويھُ داتا جي دَرَ تي، شُڪُرُ جَنھِن سُھاءِ،
ڪانِهي حَدَ حَمدَ جِي، تَہ ڪَرِيان لالَنَ لاءِ،
ڳَڻِيو ڳَڻِيان ڪيتِريُون، وَڏِيُون وَڏاياءِ،
سو مُونھان مُورِ نَہ سَپَجي، جيڪِي تو جُڳاَءِ،
تو سَڃِيُون تو سَندِيُون، سِڪَنِ تَوِھِين ساءِ،
اُڃَ تُنھِنجِيءَ اُڃِيُون، لُڇَنِ توئِي لاءِ،
دِلِ دانھُنِ ري نَہ رَھي، مُون کي ماٺِ جُڳاءِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 18 ]

شُڪُرَ آڻِ بَجاءِ، آهِيين اَهلُ اللهُ سين،
گهوڙو هِنَ گِروھَ سين، حَمدَ مَنجِهہ هَلاءِ،
سُرَهي اِنَ سِلڪَ سين، ڀَڄِي ڪِي ڀَڄاءِ،
ٿِيءُ تَہ ٿوڪُ پِرائِيين، لاشَڪُ تَنِي لاءِ،
تَرَڪُ ڪَرِ طَلَبَ سين، لاهُوتِي مَ لَڄاءِ،
خُودِي کَڻُ مَ پاڻَ سين، جوڳِيَنِ وَٽِ جَلاءِ،
مَھِندان مَشائِخَنِ جي، چَلَڻَ سَڀَ چَلاءِ،
ڪامُ تُنھِنجو ڪاپَڙِي، سامِيَنِ وَٽِ سَماءِ،
آسَڻَ اَڳِئان اُنِ جي، ٻَر ٻَر ڪِئو ٻاڏاءِ،
سِيھو جا سونُ ڪِري، تَنھِن صُحبَتَ کي مَ سِڪاءِ،
سُرَهِي سَناسِينِ جِي، سُڻِي ڪا سُڻاءِ،
آهِمِ آسَ اِسمَ جي، ڌاڳا تُون ڌُلاءِ،
اللهَ عَبدِالْلَطِيفَ کي، اُنِين ساڻُ اَگَهاءِ.
[ سُر مارئي، وايون، 25 ]