جيسَلمِيرَ جي سنڌي معنيٰ
جيسلمير، هندستان جي رياست راجسٿان جو ھڪ ضلعو ۽ شھر (جيڪو شھر ”راجا راول جيسل“ جو ٻڌايل ھئو، ھي شھر آثارِ قدِيمہ جي حوالي سان مشھور آهي، ”موملَ جي ماڙي“ ھن شھر جي ويجهو آهي)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Jaisalmer, nicknamed "The Golden city", is a city in the Indian state of Rajasthan, located 575 kilometers (357 mi) west of the state capital Jaipur.
جيسَلمِيرَ جا بيتن ۾ حوالا
موٽِي مانڊاڻَنِ جِي، وَرِي ڪِئائِين وارَ،
وِڄُون وَسَڻَ آيُون، چوڏِسِ ۽ چوڌارَ،
ڪي اُٺِيُون وَڃِي اِستَنبولَ ۾، ڪَن مَڻِئو مَغرَبَ پارَ،
ڪي چَمڪَنِ چِينَ تي، ڪي لَھَنِ سَمَرقَندِيَنِ سارَ،
ڪي رَمِي وييُون رُومَ تي، ڪي ڪابُلُ ڪي قَنڌارَ،
ڪي دِلِي ۽ دَکَنِ، ڪي گُڙَنِ مَٿي گِرنارَ،
ڪَنِي جُنبِي جيسَلمِيرَ تان، ڏِنا بيڪانِير بُڪارَ،
ڪَن اَچِي عُمَرَڪوٽَ جا، وَسايا وَلَھارَ،
ڪِنِ ڀُڄُ ڀِڄائِيو، ڪَنِ ڍَٽَ تي ڍارَ،
ڪي لَڙِيُون لاھورَ تي، ڪي ھَلَنِ مَٿي ھالارَ،
ڪي پُرِيُون پَنجابَ ڏي، ڪِنِ چِڪِلَ تي چَمڪارَ،
سائِينمِ! سَدائِين ڪَرِين، سِنڌُڙيءَ ۾ سُڪارَ،
دوسِتَ تُون دِلِدارَ، عالَمُ سَڀُ آبادُ ڪَرِيين.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 1 ]

بَرَ وُٺا ٿَرَ وُٺا، وُٺو جيسَلمِيرَ،
آگَمَ ڪَري آيو، پائُران ڀَري پيرَ،
لاٿائِين لَطِيفُ چئَي، مَٿان وانڊِنِ ويرَ،
سُرَھا ڪِيائين سيرَ، سَرَھِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون.
[ سُر سارنگ، ڌرتي ڍُري، 7 ]