تِيرَٿَ جي سنڌي معنيٰ
مھاتمائن جي رهڻ جي جاءِ. پاڪ جاءِ. هندن جي زيارت جي جاءِ ، جاترا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Holy spots, places of Hindu pilgrimage, a pilgrimage.
تِيرَٿَ جا بيتن ۾ حوالا
سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ،
بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ،
تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ گَنگا جا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 13 ]

سائِين سَڱُ سَندومِ، مَ ڇِڄي سين سامِيين،
ھَلَڻَ جو ھِنگلاجَ ڏي، آديسَينِ اُتومِ،
نيئِي پُورَڀَ پارَ ڏي، ويراڳِيَنِ وِڌومِ،
سوئِي تِيرَٿُ تَڪِيين، سوئِي پَنڌُ سَندونِ،
ھُو جو تِيرَٿَ تَڪِيو، سامِيَنِ سُونھايومِ،
نِڪِرُتُون نانِيءَ ڏي، ڪَنوٽِيَنِ ڪَھِيومِ،
ڏوري مَنجهان ڏُونگَرين، روئِيءَ رَندُ لَڌومِ.
[ سُر پورب، وايون، 2 ]

جوڳِي ٿا جَرُ ھارِيَنِ، ويندا تِيرَٿَ گَنگا مَٿِرا،
سِڱِيُون سَناسِيَنِ جُون، پِرھَ پُڪارِينِ،
باھِيُون بيراڳِيَنِ جُون، مُون کي ٿِيُون مارِينِ،
وايُون ويراڳِيَنِ جُون، جِيءَ کي جِيارِينِ.
[ سُر پورب، وايون، 10 ]