تُرتُ جي سنڌي معنيٰ
جلدي، ستت، تھتا، فورا، جهٽ پٽ، يڪدم. ٺھ پھ. هن وقت، هينئر، سگهو، بنا دير.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Quickly, speedily, instantly, hastily.
تُرتُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڍي جَنِ وِڌِياسِ، وَرِي ويڄَ ئِي سي ٿِئا،
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
تُرتُ ٻَڌائُون پَٽِيُون، روزُ ڪِئائُون راسِ،
ھِينئَڙا تَنِي پاسِ، گهارِ تَہ گهايَلُ نَہ ٿِيين.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 16 ]
لَڪِ لاکِيڻُو ڪَرَھو، ڪوڙيِين ڏيئِي ڇوڙِ،
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
ايَهِي سِٽَ سَيِّدُ چئَي، جيھَيين تيھَيين جوڙِ،
تُرتُ رَساڻي توڙِ، پَلاڻِئو تَہ پِرِينءَ مِڙي.
[ سُر کنڀات، ڪرھو، چانگو، اٺ، 58 ]
پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ،
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 36 ]
لُڙُ لَنگهائي سُهڻِي، پِرتِ وِجَهندِيَئيِ پارِ،
تُرتُ لنگهِنديُون تارِ اُڪَنڊَ آڳَھُ جَنِ جو.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 36 ]
English Meaning
Quickly, speedily, instantly, hastily.