بَھارَ جي سنڌي معنيٰ
گُلن جي ڦُٽڻ جي موسم، بسنت رُت جا ڦڳڻ، چيٽ ۽ ويساک واري ٽِماهي ۾ تقريبا پندرھين فبروري کان پندرھين اپريل تائين ٿيندي آهي. خوشي، راحت، آنند، فرحت. رونق، جهڳمڳ. سبزي، ساوڪ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Spring, like spring, fresh, green, joyous, joyful.
بَھارَ جا بيتن ۾ حوالا
تَنَ مَنَ مَنجِهہ تَنوارَ، ھو يارَ، سَدا آھي سِڪَ جِي وو،
تِيئَن چُڻِڪَن چِتَ ۾، جِيئَن سا گَهنڊِيءَ لارَ،
لَڳِي اُڃَ اَکِيُنِ کي، سِگهو موٽُ سَتارَ،
پَسان ڪِينَ پِريَتَڻُو، ڪاڏي پِرتِ پَچارَ،
بَندِياڻِي ڀَنڀورَ ۾، آھِيان آنھان ڌارَ،
مُون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، آرِياڻِي آڌارَ،
ڏِيان خيزَ خِزان ۾ بي تو مَنجِهہ بَھارَ،
مُضَرَتان مُون کي ڪِئا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،
دَوا آھِين دِلِ جِي، وارو واقفِڪارَ،
آڻي ڏي عَلِيلَ کي، معجونُون موچارَ،
آھي عَبدِالْلَطِيفُ کي، تُنھِنجِي پِيَ پَچارَ.
[ سُر معذوري، وايون، 10 ]

ڪيڏانھَن ڪاھِيان ڪَرَھو، چِٽاڻو چوڌارَ،
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
مَنجِهين ڪاڪِ ڪَڪورِي، مَنجِهين باغَ بَھارَ،
ڪانِهي ٻِي تَنوارَ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، ڏِيئا، تيل ۽ مھمان، 27 ]
اَسُورَ سَندي آسِري، ويٺو آھِ وِڳَندُ،
ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 11 ]
ھَڏِ نَہ ڇَڏي ھَنڌُ، آيَسِ بُوءِ بَھارَ جِي.
[ سُر بلاول، وڳند، 11 ]
ڪانگَلَ قَرِيبَنِ جا، اَچِي وائِي وَڻُ،
تو ۾ بُوءِ بَھارَ جِي، مُشڪَ کَٿُورِيءَ مَڻُ،
اَچِي عَجِيبَنِ جو، اورانگِهجِ اَڱڻُ،
توکي پَسِي تَنُ، سُورنئِوُن صافُ ٿِئو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 19 ]