اَحزابِ جي سنڌي معنيٰ
قرآن شريف جي هڪ سُورة جو نالو. قرآن شريف جو سٺھون حصو يا اڌ سيپارو جو وظيفي طور ڏينھن ۾ ٻہ دفعا پڙهبو آهي. جيئن ساري قرآن شريف جو دور مھيني ۾ پورو ٿي وڃي. ٽولا خصوصا مڪي جي ڪافرن جا، جي رسول الله صلي الله عليه و آله وسلم سان لڙيا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of a Soorah in Holy Quran. Sixtith part of Holy Quran.
اَحزابِ جا بيتن ۾ حوالا
زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، سانبِي سارِئَمِ راتِ،
صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ،
رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحزابِ سين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 14 ]
صُبحِ سَجدَہ فُصِلَت، لَنوَنِ لَطِيفِي لاتِ،
رَعدَ فُرقانِ عَنڪَبُوتِ، هِدايَتَ حُجراتِ،
مُون تَنَ تَنِي جِي تاتِ، جَنِ جو اورَڻُ اَحزابِ سين.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 14 ]
فاتِحَه بَقَرَة سُومَرا، وَطَنُ ويڙِهيچَنِ،
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]
نَحل حِجرِ بَنِي اسِرائِيل، اِي پَنڌُ پَنوَهارَنِ،
سَجدَہ اَحزابِ سَبا، مَنجِهين رُوم رَهَنِ،
نيئِي اَڏِئا اَمُنَ ۾، پَکا پَنوَهارَنِ،
سَڳَرَ ساڻيھَ سَرَتِيين، ريلِنِ مَنجِهہ رَهَنِ،
مُون کي مَنجهان تَنِ، پِئا لوھَ لَطِيفُ چئَي.
[ سُر مارئي، زمر زخرف سومرا، 18 ]
English Meaning
Name of a Soorah in Holy Quran. Sixtith part of Holy Quran.
اَحزابِ ٻول جا زمرا