إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ جي سنڌي معنيٰ
قرآن مجيد جي سورۃ البقرہ جي ھيءَ آيت نمبر ھڪ سو ٽيونجاھين آھي، جنھن ۾ ھدايت ٿيل آھي تہ: ”بيشڪ الله صبر ڪرڻ وارن سان گڏ آھي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
This is 153rd verse of Soorah Al-Baqra. The meaning of this verse is: "Allah is with those who are patient and steadfast."
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ جا بيتن ۾ حوالا
اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]

ڇَھِينءَ راتِ ڇَڻِي، ڳوڙها پِيَمِ ڳَلَ تي،
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
وَنھِيَنِ ويڙِهِيچَنِ جِي، هِيين حُبَ گهَڻِي،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، وائِي واتِ وَڻِي،
ميڙِيندُمِ ڌَڻي، مِينھَنِ اُٺي مارُئين.
[ سُر مارئي، سارئان ۽ چڪن چاڪ، 7 ]
ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کانڌِ کَٿورِي ھوءِ،
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّابِرِينَ ، آگو ايِنهِن چوءِ.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پريم پاٺ، 15 ]
غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَناسِيَنِ،
ڊِڄئو ڊاءِ اللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،
ريءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجَهنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلۡقُوَّةِ ٱلۡمَتِينُ ، سامِيَنِ سَڏَ سُڄَنِ،
جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 19 ]

فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ،
سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ،
سَنگَتِ سَنوارِينِ گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 20 ]
سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ،
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ،
سَنگَتِ سَنوارِينِ گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 20 ]
مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اَصلِ آديسيَنِ،
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]
جوڳِيَڙا جَھانَ ۾، چوکِيءَ چالِ چَلَنِ،
لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، مَنجهان حُبَ ھَلَنِ،
إِنَّ ٱللَّهَ يُحِبُّ ٱلۡمُحۡسِنِين ، خُوشئان خُوابُ نَہ ڪَنِ،
اِيءُ وِردُ وِيراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 24 ]
English Meaning
This is 153rd verse of Soorah Al-Baqra. The meaning of this verse is: "Allah is with those who are patient and steadfast."
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ٻول جا زمرا