چَيائِين جي سنڌي معنيٰ
ٻڌايائين، آکيائين، ھن چيو
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Said, he/she said or told.
چَيائِين جا بيتن ۾ حوالا
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين جِيئَن،
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
قالُو بَلیٰ قَلبَ ۾ ٿِي تَفالي تِيئَن،
مَحبَتِيءَ ميھارَ جي، آئُون نِھوڙي نِينھَن،
سَرَتِيُون ساھَڙَ سِينءَ، ھَلَڻُ مُون حَقُ ٿِئو.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 5 ]
اَلَستُ اَرِواحَنِ کي، جَڏھِن چَيائِين،
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
مَنَ ڪاڍو ميھارَ ڏي، سُهڻِيءَ سَدائِين،
جيڪي آيُسِ اوڏاھِين، سو پاري مُنڌَ پاتارَ ۾.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 6 ]
ھُئِي ھِدايَتَ حُرَ کي، اَصلَ ۾ اَمُران،
چَڙِهي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنِ پاران،
اِيندي چَيائِين اِمامَ کي، تَہ گهورِيُس آن مَٿان،
لَا يُڪَلِّفُ اللَّهُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا ، ڪَندُسِ وَسَ وَڏا،
گهوٽَ پِہ لَڳا گهاءَ، اِي پُڻ شيرُ شَھِيدُ ٿِئو.
[ سُر ڪيڏارو، ڪامل ڪربلا ۾، 1 ]