ٻارَھن جي سنڌي معنيٰ
هڪ عدد، ٻن ايڪن ۽ هڪ ڏهاڪي وارو انگ 12. (عام طور تي سال جي مھينن طور ورتو ويندڙ انگ)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Twelve. Equivalent to the product of three and four, two more than ten. 12.
ٻارَھن جا بيتن ۾ حوالا
ڏِسَڻُ ڏِکان اَڳِرو، سَسُئِي آڻ مَ شَڪُ،
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]
ٿِي ٻانِهي ڀَرِ اويُون، لُڏُ مَ پَسِي لَڪُ،
وَرُ پُنهونءَ سين پَلَڪُ، ٻَنِ ٻارَھن وَرِھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 9 ]
ھَر دَمُ ھوتَ پُنهونءَ جو، ڏِسَڻُ ڀانِئجِ ڏِکَ،
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
وَرُ ٻاروچاڻِي لِکَ، کُوءِ ٻارَھن ماھَ ٻِئَنِ سين.
[ سُر معذوري، ڏُکِيءَ ڏک، 10 ]
English Meaning
Twelve. Equivalent to the product of three and four, two more than ten. 12.