مُھاڻا جي سنڌي معنيٰ
مڇيءَ وارا، ٻيڙيائتا، ڪشتي بانَ، مَلاحَ، ميربحر، ناکُئا، ناخدا. ميربحر، مُھاڻا، کارائيا. لوڻاٺيا، لوڻ وارا، نمڪين، سلوڻا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A surname of subcontinent who are boatmen and fisherman, a sailor.
مُھاڻا جا بيتن ۾ حوالا
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
ساٿِي سَفَرِ ھَلِئا، ٿِئا سَڻاوا سِيرَ،
جٖي اَچَنِ ساڻُ اُڪِيرَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 13 ]
سِڙَه سَنوان لاڄُو نَوان، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
جٖي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙِيُون رَکِين ٻاجَهہ ۾.
[ سُر سريراڳ، تياري ۽ ساٺ، 14 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مِيرَ،
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
جي سَرَڻِ تُنھِنجي سِيرَ، سي پارِ لَنگهائِين پِھِيڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 18 ]
اَچَنِ سِڙَه اُپَڙِئا، مَٿِنِ مُھاڻا مَلَ،
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
جي اَچَنِ آبَ اُڇَلَ، سي ٻيڙا رَکِين باجَهہ ۾.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 19 ]
مُھاڻا مَحرُومَ، ٿِئا تَماچِي ڄامَ سين،
نَنڍي وَڏي گَندَري، مَٿي ماڙِيءَ ڌُومَ،
ڪِينجُهرَ جَي رُومَ، تَہ مِريئِي اِنعامِي ٿِئا.
[ سُر ڪاموڏ، سمي سامهون گندري، 23 ]