قَولُ جي سنڌي معنيٰ
چوڻ. ٻول گفتو، مقولو. پھاڪو، انجام، وعدو، اقرار، اقرار نامو، قبوليت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Wording, words uttered by someone and quoted, quotation.
قَولُ جا بيتن ۾ حوالا
ھِينئَڙو ٿو ھُنَ ساري مُنھِنجو ساھُ سَيِّدَ کي ٿو ساري،
جيڏِيُون آئُون ھَلَندِي ويندِي ھوتَ ڏي،
جيرو اَندَرِ جِندَڙي، وِئو ٻاروچو ٻاري،
سَچو سُخُنُ سُپِرِين، قَولُ پُنَهلُ پَنھِنجو پاري،
پَنڌَ اَڙانگا پَٽِيين، مُون کي ڪوھِيارو ٿو ڪاري،
ھوتَنِ ھَلَڻُ مَنَ ۾، ڪيرَ گهَڙِي ھِتِ گهاري،
آسَرَ ڀَري آھِيان، واحِدُ آڻينِ واري،
وِڌا ڪَمَ ڪَرِيمَ تي ھِنَ ويچارِيءَ واري.
[ سُر ديسي، وايون، 3 ]