سَڳو جي سنڌي معنيٰ
ڌاڳو، ڏورُ، سُٽَ وغيرہ جي تَندُ. سينگار لاءِ سُٽَ جي تَند جو زيورُ. ڪَرائيءَ ۾ ٻَڌڻ جو سونَ يا چاندِيءَ جي تند جو زيَورُ. مال جو رَسو. گهوڙي يا اُٺ جو سُٽ مان ٺهيل ڪنھن سَنجهَہ جو هڪ قِسمُ. دُعا لاءِ سُٽَ جي وَٽايل تَندُ، سَڳو ڦِيڻو. رَسو، واجهُہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A twisted thread, twine.
سَڳو جا بيتن ۾ حوالا
جَنِي جي جَھازَ کي، سَڳو سُلِطانِي،
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
سِڙَه اَڇا ۽ اولِيُون، اُنِ جي کُوھي نَہ خامِي،
بَندَرُ بَصِرو ڪيچُ قَلاتُ تَنِ عَرَبُ اِنعامِي،
ڏِسِ کيڙي ڏانِي، سُوڀا سُتَڙِ آيا.
[ سُر سريراڳ، جيون ۽ جھاز، 11 ]
سَڳو ڏِسِي سُهِڻو، مَڱِي آندو مُون،
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
لَڳِي ڪَنِ ڪَونئُروءَ کي، تِپي ويٺين تُون،
اَڳُ ڍَڪِيندو ھُون، ڪانڌَ ڪَچايُون ڪيتِرِيُون.
[ سُر ليلا، ليلا ليلائيج، 28 ]
مَرَڪي مُھاڻِي، جَهرَڪي جيڏِيُنِ وِچَ ۾،
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
جِيئَن سَڳو مَنجِهہ سُرِندڙي، تِيئَن راڻِنِ ۾ راڻِي،
سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻڌُسِ ٻانھَن ۾.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 12 ]
English Meaning
A twisted thread, twine.