زُھِدَ جي سنڌي معنيٰ
پرهيزگاري، پارسائي. پاڪائي. خدا پرستي. پرهيز، ڪِري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Piety, continence, mysticism, asceticism, devotion, abstinence.
زُھِدَ جا بيتن ۾ حوالا
حييَئُون حالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ،
نانهِن ڪِئائُون نَفسَ کي، مَنجهانَ زُھِدَ زَوالُ،
لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتَّىٰ تُنفِقُوا ، پاڻُ ڪِئائُون پَئِمالُ،
لَڌائُون لَطِيفُ چئَي، جانِبَ جو جَمالُ،
نانگا ٿِي نِهالُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 6 ]

زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي،
ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي،
اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،
وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،
اُڪنڊَ ساڻُ اَچِي، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 11 ]