خُوشِيءَ جي سنڌي معنيٰ
سُک، ڪلياڻ، آنند، پرسنتا، آسودگي، سُرور، مُسَرت، سَرهائي، منگل. راحت، بَھاري، مزو، اُمنگ، لذت، فرحت، وندر، لطف، ذوقُ، مؤج. عيش پسندي، شادماني. مرضي، رضامندو، راضپو. بي فڪري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Pleasure, delight, happiness, gladness, joy, satisfaction.
خُوشِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
وَھِلِي وانءُ مَ وِھامِي، رَھُ راتِ رائيِندِيَس سُپِرِين،
شَمعَ ٿيِندِيَس شَبَ ۾، اِنَ خُوشِيءَ کان کامِي،
بابُوئنِ سَندِيءَ باھِ جِيئَن، ٻَران شالَ اُجَهامِي،
پِرتِ جا پِيتَمِ جِي، ڪِينَ پَرُوڙي عامِي،
مُون کي مُون پِرِيَنِ جو، دَردُ آھِ دَوامِي،
ھيڪاندِي ٿيِندِيَس ھوتَ سين، آڌِيءَ اُڏامِي،
آھِيان يارُ سَيِّدَ جو، ڪانَہ رَھِي ڪا خامِي،
ھُو جو لَنئُن لَطِيفَ جو، مُون کي آھِ مُدامِي،
روشَنُ ٿِئا رُڃنِ ۾، جٖي ھُئا ھِنَ لَي جِي لامِي،
آيَمِ تَنھِن لوڪَ سين، جٖي سيما چَوَنِ ساھِمِي.
[ سُر کنڀات، وايون، 2 ]

سِينَئُون سَھجا سيڄَ تي، سامِي ڪِينَ سُمَهنِ،
نيڻَنِ نِنڊَ نَہ نانگَنِ کي، خُوشِيءَ خُوابُ نَہ ڪَنِ،
جاڳَڻَ سَندو جِيءَ ۾، آھي وِردُ ويراڳِيَنِ،
فاِنَ النَومَ عَلَ الُمحِبِ حَرامُ ، ڪَلامُ ڪِئائُون ڪَنِ،
اِھَڙَنِ اُھڃاڻَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 12 ]

آءُ ڪانگا ٻَھُ ڪولِ، سُڌِيُو ڏي ساڻيھَ جُون،
جي آندَئِي عَجِيبَنِ جا، سي خَطَ خُوشِيءَ مان کولِ،
آئُون سُڻان تُون ٻولِ، سَنِيھو سَڄَڻَ جو.
[ سُر پورب، ڪانگ، 29 ]