خَبَرِدارِ جي سنڌي معنيٰ
خبر رکندڙ، ڄاڻ رکندڙ، ڄاڻو، آگاھ. هوشيار، سُچيت، سُجاڳ، ڦُڙت، چالاڪ، سُريتي، چوڪس.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Careful, intelligent, trustworthy, alert, watchful, wary.
خَبَرِدارِ جا بيتن ۾ حوالا
ھوئِجِ ھوشِيارِ، خَبَرِدارِ، تِرِڪَڻِ آھي تَڙَ ۾،
کَڏُون کُوٻا چِڪَ چِڪَندِيُون، تان ڪِي نَئِي نِھارِ،
آڌِيءَ سي آکُڙَندِيُون، اَکِيُون جَنِ ڪَپارِ،
مُون سُئو مَلاحَنِ کان، تَڙَ اَڙانگا تارِ،
پَڪو کَڻِجِ پاڻَ سين، پِرِين تُنھِنجو پارِ،
کُوءِ آتَڻُ، ٻَنِ جيڏِيُون، ڏيراڻِيون ڏُئَارِ،
ھوتُ ھَلَندِنِ کَٽِئو، وِھَڻُ مُنڌَ وِسارِ،
ويندي واٽاڙُوئَن کي، پَٽِيءَ ڪِيمَ پَچارِ،
پُوندِيئَن مُنھِن، ميھارَ جي، ڏَمَ وَٽِ ڏِينھُن مَ گهارِ،
ساھَڙَ کي سُڻُ سُهڻِي ٻِڇَلِ آڏِي ٻارِ،
تارِ تَرَندِينءَ لُڙُ لَنگهَندينءَ عِشقَ جي آڌارِ،
پاندُ مَ ڇَڏجِ پِرِينءَ جو، پِھِين جي پاتارِ،
ٿِيندُءِ سَڏُ ساھَڙَ جو، توڏِي ٿِيءُ تيارِ.
[ سُر سھڻي، وايون، 16 ]