جارو جي سنڌي معنيٰ
اڇو اجرو، صاف شفاف، چمڪيلو، روشن، روشنيءَ جو گذر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Bright, shining, glittering, aglow, passage of light.
جارو جا بيتن ۾ حوالا
جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان لا شَڪُ ٿِيءُ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، پاڪُ نِھاري پِيءُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌيِ، جوکي وِجُهہ مَ جِيءُ،
ھَنجَ حُضُورِي ٿِيءُ، تَہ ماڻِيين ڪُونرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 15 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، لُڙَ کان ٿِيءُ لاشَڪُ،
مَعرِفَتَ جو مَنَ ۾، سُوڌو پَڙُه سَبَقُ،
ھَنجَ پَرُوڙِجِ حَقُ، تَہ ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 16 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، پَکِيئَڙا پَرُوڙِ،
اُڏُرُ اَڇي سامُهُون، ماٺي چُڻُ نَہ مُورِ،
ڪوھُ نَہ گوھَرَ گَڏيِين، حاذِقَ حالُ حُضُورِ،
پَکِي پھرِين پُورِ، ماڻِيين ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 17 ]

جارو ھِنيُون ڪارو ڪَري، چِلُڙَ ڏيجِ مَ چَسُ،
ٻَگهَنِ سين ٻيلَ ٻَڌِي، ڪُنبَ نِھارِ مَ ڪَسُ،
پَکِي سيئِي پَسُ، جَنِ ماڻِئا ڪَوَنرَ ڪُلابَ جا.
[ سُر ڪارايل، پاڙون پاتار ۾، 18 ]