اِسرارَ جي سنڌي معنيٰ
ڳجهہ، ڀيد، ڳجهيون ڳالهيون، ڳجها ڪم، راز رنگ. عجائب. تماشو. حيرت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Mystery, secret, enigma, puzzle, maze.
اِسرارَ جا بيتن ۾ حوالا
دوسِتَ ڪُھائي دادُلا، مُحِبَ مارائي،
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]
خاصَنِ خَلِيلَنِ کي، سَخِتِيُون سَهائي،
اَللّٰه الصَّمَدُ بي نِيازُ، جا ڪَري سا چاھي،
اِنَهِيءَ ۾ آھي، اُونِهِي ڳالِهہ اِسرارَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڪربلا ۽ ڪارا ڪڪر، 3 ]
جٖي ڪِيڙِيءَ ڀَرِ ڪَنبَنِ، نانگَ نَمَنِ اُنِ کي،
آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، مُوِڙھا مانَ ٻُڌَنِ،
ڳُجهان ڳُجَهہ وَڃَنِ، اَحَدَ جي اِسرارَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 11 ]
آگو اَمُنُ اُنِ ڪَري، جي اِنَهِينءَ ڀَيءِ ڀَڄَنِ،
اِنَ اولِيَآئِي تَحتَ قَبَآئِي ، مُوِڙھا مانَ ٻُڌَنِ،
ڳُجهان ڳُجَهہ وَڃَنِ، اَحَدَ جي اِسرارَ ۾.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 11 ]
اَحَدَ جي اِسرارَ کي، جُنبِي ڏِٺو جَنِ،
سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 12 ]
سي موٽِي ڪِينَ پَسَنِ، ڌاران ڌَڻِي ڪِي ٻِئو.
[ سُر آسا، ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو، 12 ]
English Meaning
Mystery, secret, enigma, puzzle, maze.