اِحسانُ جي سنڌي معنيٰ
مھرباني، مِھِرَ، ٿورو، ڀلائي، وڙ نيڪي. ڪَرمُ، ٻاجهہ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Good deed, virtue, beneficence, favour, kindness, conferring of obligation.
اِحسانُ جا بيتن ۾ حوالا
جَکِري جِھو جُوانُ، ڏِسان ڪونَہ ڏِسَنِ ۾،
مُھڙُ مِڙَنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
خَبَرَ ڪاڻِ خَلِيلَ جي، قادِرَ مُڪو قُرآنُ،
فَڪَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ ، اِيءُ مُيسِرُ ٿِئُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگي جو اِحسانُ، جَنھِن ھادِي ميڙِئم ھِھَڙو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 9 ]

جَهڻِ پِيَڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءُ غَرِيبَنِ گُذارنُ،
اُنَ اوڍَڻُ اُنِ جو، ڪَنِ سائين جو سامانُ،
آگا ڪَرِ اِحسانُ، تَہ ويٺاھُونِ ويڙِھ ۾.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 19 ]