اُمَتَ جي سنڌي معنيٰ
ڪنھن نبيءَ جا پوئلڳ. پيروي ڪندڙ گروھ. مخلوقات. خلق.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Followers of any specified religion or prophet.
اُمَتَ جا بيتن ۾ حوالا
ڏاڙِهي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَہ موتِيُنِ ڳُتِيا،
چوڏَھِينءَ ماھَ چَنڊَ جِيئَن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
سِيمَاهُمْ فِي وُجُوهِهِم ، مُنھَن ۾ مَڻِ ڳُتياسِ،
اَللّٰهُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَلوو زَمِيناسِ،
ڪَڪِرا ڪَربَلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگهٽِياسِ،
اُمَتَ تي اِحسانَ سين، ٿيندِي شَفاعَتَ سَندِياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِئاسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
[ سُر ڪيڏارو، پرھ پکي آيو، 1 ]

ڪوھُ نَہ جُھارِيين جَکِرو، جَو وِلَهنِ وارِثُ،
سُونھون سَڀَ اُمَتَ جو، پاڳارو پُرسُ،
سي ڏِکِئا وَڃِي ڏِسُ، جَنِ گَنگا جَرُ گَڏِئو.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 21 ]

پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، ساري ڏيجِ سَلامَ،
سِيلُ نَه ڀَڳو سُومَري، مَٿِسِ ناھِ مَلامَ،
سَندي اُمَتَ ڄامَ، رِکئو پَنُ پَنوَهارِ جو.
[ سُر مارئي، مَ رو، پانڌي پرين پنھوار، 6 ]