اَڏِيءَ جي سنڌي معنيٰ
گوشت، مڇيءَ يا گاھ وغيرہ کي وڍڻ لاءِ ڪاٺيءَ ٽُڪرو. اھو ڪاٺيءَ ٽُڪر جنھن ۾ سنداڻ کُتل هجي. اُها ڪاٺي جنھن تي بندوق رکي ھڻجي.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
A block for chopping on, a rail running across the bottom part of a turner’s lathe on which his feet are placed.
اَڏِيءَ جا بيتن ۾ حوالا
ڪاتِي جَنِ ڳَري، مانۡ لَنئُن لَڳو تَنِ سين،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، وَڃان پيرَ ڀَري،
اَڏِيءَ سِرُ ڌَري، مانَ ڪُھنِھُون سُپِرِين.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 16 ]
کِکِي ھَڏِ نَہ کاءِ، ڇِڇي ھَڏِ نَہ ڇُهي،
نَہ وَڍي نَہ وِڪِڻِي، اَڏِيءَ اوڏِي ناھِ،
سَمُو تَنھِنجي ساءِ، ٿو مِياڻِيُون مَعافُ ڪَري.
[ سُر ڪاموڏ، مِڙيوئي معاف، 5 ]