ايھَرُ جي سنڌي معنيٰ
آهر، (شيشو) عينڪ، عينڪ مثل خاص شيشن جا کوپا جن جي پائڻ سان ننڍين سنهين شين کي وڌيڪ چٽو ڏسي سگهجي. ڪنير، ڪئيرُ. (خوردبين)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A loupe, a simple, small magnification device used to see small details more closely. Microscope.
ايھَرُ جا بيتن ۾ حوالا
وَڃَنِ مَ وِينجهارَ، پاڻِيَٺُ جٖي پَرِکِڻا،
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
ايھَرُ پائي اَکِيين، لَھَنِ سَڀَ ڪَنھِن سارَ،
موتِيءَ جي مِزاجَ جو، قَدُرُ مَنجِهہ ڪِنار،
صَرافَنِئُون ڌارَ، ماڻِڪَ مُلاحِظو ٿِئي.
[ سُر سريراڳ، صراف ۽ جوھري، 18 ]
English Meaning
A loupe, a simple, small magnification device used to see small details more closely. Microscope.
ايھَرُ ٻول جا زمرا