گَتِ جي سنڌي معنيٰ
عادت، خُوءِ، نيَم، ڍٻُ، دستور، وجھ، ڍنگ، علت، هير، رھ، پر، ريت، رسم، نمونو، وڻگ، طرح، وضح، طريق، طرز. اطوار، چال چلڻ، آچارڻ، رهت، شيوو، لڇڻ، ارڪان، سڀاءُ، خصلت، چال، روش.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Salvation. Motion, gait, pace, procedure, habits, ways, conduct, behavior. Habit, addiction, nature, disposition, conduct, behaviour, awareness, cognistion.
گَتِ جا بيتن ۾ حوالا
اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون،
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.
[ سُر سريراڳ، سيوا ۽ سار، 13 ]
گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي،
ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ،
چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،
لوچَنِ ٿا لَطِيفُ چئَي، پَسَڻَ لاءِ پِرِيَنِ،
ڪيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنباھَي ساڻُ کَنيا.
[ سُر سارنگ، سيڪارا سارنگ، 13 ]

سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ،
بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ،
تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ گَنگا جا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 13 ]
بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ،
تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ گَنگا جا.
[ سُر رامڪلي، سڳا سيلهيون ۽ نااميدي، 13 ]
نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ،
پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 19 ]
پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.
[ سُر رامڪلي، وايون، 19 ]
ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ ڪَنھِن آڇِيَئِي گَتِ،
وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ،
مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون ڪيتِريون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 5 ]
وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ،
مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون ڪيتِريون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 5 ]
سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ،
وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ،
توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي لاءِ،
مُون کي مَتِ ڏِنِياءِ، ٻِيُون ڪَنبايُئِي ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 28 ]
وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ،
توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي لاءِ،
مُون کي مَتِ ڏِنِياءِ، ٻِيُون ڪَنبايُئِي ڪيتِريُون.
[ سُر ليلا، ڏيئي جي ڏھاڳ، 28 ]
جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ،
شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ،
سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران ڪوٽَ مان.
[ سُر مارئي، مارُن جو حال، 20 ]