ڏُکَڙا جي سنڌي معنيٰ
ڏَک، اھنج، عذات، ويل، ويڌنون، آزار، تڪليفون
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Sorrows, pains
ڏُکَڙا جا بيتن ۾ حوالا
آيَلِ ڪَرِيان ڪِيئَن وو مُنھِنجو نِينھُن پَلِئو نَہ رَھي،
سامُونڊِيءَ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏِينھَن،
مادَرِ پائي مُنڊِيُون، وَڃان سَيِّدَ سِينءَ،
وِئو وَڻِجارو اوھَرِي، مُون کي چاڙِھي چِيئَن،
گُوندَرَ مَٿان جِندَڙي، وَرِئا وَلِيُنِ جِيئَن،
اُڏوھِيءَ جِيئَن ڏُکَڙا، چَڙِهئا چوٽِيءَ سِينءَ.
[ سُر سامونڊي، وايون، 5 ]

ھِي سَڄَڻَ اُھي ئِي، جٖي مُون ڪوڏِ نِھارِئا،
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
اِيندَمِ جانۡ پيھِي، سَڀَ لاھِيندا ڏُکَڙا.
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 13 ]
ڪَربَلا جو قَضِيو جَڏھِن پَوي مَنجِهہ جِيءَ،
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
وَسَنِ ٿا وُجُودَ تي، سَندا سُورَنِ سِيءَ،
ڏُھٽَنِ ڏِٺا ڏُکَڙا، ناني ري نَبِيءَ،
فَرزَندَ بِيبِيءَ فاطمَتهَ، پاڪَ پِيارا پِيَ،
والِي وارِثَ وِيءَ، رِڻَ ۾ رُڪَ رَھائِيا.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 13 ]
اَچَنِ جَي اوطاقَ، مُون سارِيندِيءَ سُپِرِين،
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
مُون جيھِي مُشتاقَ، ڏِسِي لاھي ڏُکَڙا.
[ سُر بروو سنڌي، دل جو دلبر، 23 ]
English Meaning
Sorrows, pains