ڏانُ جي سنڌي معنيٰ
دانُ، خيراتُ، بيکَ. انعام، بخشش، سوغات، ڏاتِ، سُوکِڙي، ڏالِي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Giving, presenting, offering, gift, alms, charity, donation, grant.
ڏانُ جا بيتن ۾ حوالا
ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي،
تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 11 ]
تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، ماتام ۽ موڪلاڻي، 11 ]
پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ،
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ،
سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي تَرَڪُ ڪَري.
[ سُر سورٺ، سائل در آئيو، 6 ]
ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ،
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]
ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ،
سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ،
سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ، سُڻِي ڏانُ ڏِياچَ جو.
[ سُر سورٺ، ڏنو سر ڏياچ، 17 ]
جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾،
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو،
اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ گهُري.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 11 ]
ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان،
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ،
جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.
[ سُر بلاول، جکرو جوان، 12 ]
English Meaning
Giving, presenting, offering, gift, alms, charity, donation, grant.