ڌَڻُ جي سنڌي معنيٰ
چوپائي مال جو ولر، وڳ، وَڳرَ، گَلو، گَلَرَ، ميڙ، مجموعو، گوھر، ڇانگ، ٽولو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Herd, pack, flock, collection.
ڌَڻُ جا بيتن ۾ حوالا
وَرُ اُهائِي ويرَ، جِيئَن ڌَڻُ تَسي تَڙِ آيو،
سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ،
هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو جِهڄي جَهروڪَنِ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 20 ]
سَرَتِيُنِ ڏُٿُ سَبِيلَ ڪِئو، اَڱَڻِ ڍوئي ڍَيرَ،
هِينئَڙي اُنَ جِي هيرَ، ٿو جِهڄي جَهروڪَنِ ۾.
[ سُر مارئي، چرن چڻڪن چت ۾، 20 ]
تَنِ رَهيَنِ وَٽان لَڏِ، جَنِ جِي ناھِ مُھاڙِ مَلِيرَ ڏي،
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
جو ڌَڻُ ڌَراڙَنِئُون ڌارَ چَري، سا ڇانگَ ئِي ڀَڃي ڇَڏِ،
سانگِيَنِ سين سَيِّدُ چئَي، اوڏا اَچِي اَڏِ،
تَہ هاڃي سَندِي هَڏِ، ڪُوڪَ نَہ سُڻين ڪَڏِھِين.
[ سُر مارئي، کائر ڏانھن کڻي وئا، 5 ]
ڌَڻُ ڌارَڻُ ڌارَ رَھَڻُ، اِيءَ نَہ سَنگهارَنِ سِٽَ،
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
ڪاھي اِيندا ڪَڏِھِين، مَٿي وانڍ وَھِٽَ،
جَي ھاڻُو ھُونَئِي مِٽَ، تَہ پِہ اُڊو لاھِ مَ اُنِ جو.
[ سُر ڏھر، ڪاڇو ۽ سنگهار، 8 ]
English Meaning
Herd, pack, flock, collection.