ڇوھَ جي سنڌي معنيٰ
تيزي ، تِکَ. جوش. عُجلت.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Velocity, rapidity, impetus, force, violence, strength.
ڇوھَ جا بيتن ۾ حوالا
رُوءِ راڻي جِيءَ ناھِ ڪو، ڪو سوڍا ٻِئا سُڄاڻَ،
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
نِسورِيائِي نِينھَن جي، ڪَشِئائِين ڪَمانَ،
ڇَڏي وِئا ڇوھَ ۾، دَعوائُون دِيواۡنَ،
ٻِي رَھِيائِي ڪانَہ، ٿِئو مِڙيوئِي مَينڌَرو.
[ سُر راڻو، چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ، 13 ]
آتَڻَ مَٿي گوجَريين، اوچتو آيوسِ،
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
سِرِ سيلا ڳَلِ ڪَچُئا، گهُورُنِ تِنِ گهايوسِ،
ڇَھَ مَھِينا ڇوھَ مان، پاسي ڀَرِ پِئوسِ،
مَنجِهہ حَيرَتَ ھوسِ، ڪِھَڙِي ڪَرِيان ڳالِهڙِي.
[ سُر راڻو، خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر، 17 ]
پِرِيَنِ پيڪانُ پَڇَندئو، ٻَنگان ٻاڻُ ڀَري،
ڇَمَڪِئو ڇوھَ مَنجهان، ڪَڙِڪَڙِ ڪانُ ڪَري،
جيرا جِگرَ بُڪِيُون، لَنگهي پِئو پَري،
جَو لَڳُمِ جِيءَ ذَري، تاڻِيان تِيرُ نَہ نِڪِري.
[ سُر يمن ڪلياڻ، باھ ۽ ساڙو، 8 ]