چَنگِ چَڙھين جي سنڌي معنيٰ
سوريءَ تي چڙهڻ، مصيبت ۽ عذاب ۾ پوڻ. پڌرائي ٿيڻ، مشھوري ٿيڻ، ڏٺو ٿيڻ. ”نہ ڪين هٿ نہ ساٿ، تِھان پوءِ چنگ چڙهان“ رسالو. بدنام ٿيڻ. خراب ڪمن ۾ مشھور ٿيڻ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Hanging, Crusification
چَنگِ چَڙھين جا بيتن ۾ حوالا
سُورِيءَ تي سَئو وارَ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھين،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سِڪَڻَ جِي پَچارَ،
پِرتِ نَہ پَسِين پارَ، نِينھُن جِئائِين نِڱِئو.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 7 ]
کامان پَچان پَڄُراَن، سَڙان سارِي راتِ،
ٻَنِ ٻِيائِي ڪَري، ڪَرِ پِريان جِي تاتِ،
شِيخُون سَندِيُون سَڄَڻين، اُڀَريُون آڌِيءَ راتِ،
نَڪِي ھَٿِ نَہ ساٿِ، ڏِھاڙِئو چَنگِ چَڙھان.
[ سُر سھڻي، الست ارواح، کامڻ پچڻ، 15 ]