چَئجي جي سنڌي معنيٰ
سڏجي، ڪوٺجي، پڪارجي، قرار ڏجي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
May call, say, may tell
چَئجي جا بيتن ۾ حوالا
جاڳِي يارا جيڏِيُون پاڻُ پَرَنِجي،
ھَلَندي حَبِيبَ ڏي، ويلو وِچِ نَہ ڪِجي،
مَٿي اُھِسَ اُسِرِي، پَتَنگَ جِيئَن پَئِجيءَ،
اَڳِئان اُونداھِيءَ جو، سَمَرُ ساڻُ ڪِجي،
ڪِيجي قُوتُ قَبَرَ جي، گهوريون آن گُهرِجي،
آگو عَيبَ اَواھِنجا، ڍَڪِئا ڳُجَهہ ٻُجهي،
جيڪِي وَھي وُجُودَ ۾، صاحِبُ ٿو سَمجهي،
آھي مَوتُ مِڙَنِ تي، گوڙِيُون ڪِئو ٿو گَجي،
اَجَلُ اِيندو اوچتو، سَدا ٿو سُڄي،
ڊِڄِي ڊاءِ اللهَ جي، جيڪو ڀَئي ڀَڄي،
اَمُنُ آھي اُنَ کي، مَنجِهہ اللهَ جي اَجهي،
عَرَضُ اَحوالُ اُنِ کي، چَڱِيءَ ڀَتِ چَئجي،
نِيازُ ڪَري نِڪَڻِي، واحِدَ ڏي وَرِجي.
[ سُر سريراڳ، وايون، 6 ]

سامِي چَئجي تَنھِن کي، جو ڪُھي سَڳوۡ ڀاءُ،
طَلاقَ ڏيئِي جوءِ کي، سُمهين وَٽِ ماءُ،
اِنَ پَرِ اُٿِي آءُ، تَہ سامِي سالِمُ تُون ٿِيين.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 6 ]

سامِي چَئجي تَنھِن کي، جَنھِن سَڀَنِئان سَري،
پَرَ گهَرِ وَڃي ڪِينَڪِي، گهَران ڪِينَ گهُري،
پُٺِيءَ پيرَ پُري، حَقِيقَتَ ھادِيءَ جي.
[ سُر رامڪلي، الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي، 7 ]