پَھتو جي سنڌي معنيٰ
پُڳو، رَسيو، منزل تي پھتو.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Reached.
پَھتو جا بيتن ۾ حوالا
گِهڙِي گهَڙو ھَٿِ ڪَري، چيلِهہ ٻَڌِي چوتو،
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]
مُنھِنجو مَنُ ميھارَ کي، پارِ وَڃِي پَھتو،
گهوتي ۾ گهوتو، اَچي ڪو مَ اَڄاڻِ کي.
[ سُر سھڻي، پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو، 15 ]
سُرَھِي مَنجهان ساٿَ، آئِي بُوءِ ڀَنڀورَ کي،
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
بِيٺا بازارِنِ ۾، لائي جَتَ جَباتَ،
سَندِيءَ ھوتَ حِماتَ، ڪيچان پَھتو قافِلو.
[ سُر ديسي، ڪيچان آيو قافلو، 7 ]
کيرِيين ٻيرِيين ٻائرِيين، لَنگهِئائِين لِيارَ،
سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ،
آرِيءَ جٖي اِختِيارِ، ڪيچِ پَھتو قافِلو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 13 ]
سَسُئِي کي سَيِّدُ چئَي، سَندِي پِرتِ پَچارَ،
آرِيءَ جٖي اِختِيارِ، ڪيچِ پَھتو قافِلو.
[ سُر معذوري، ھاڙھو پنڌ، 13 ]
English Meaning
Reached.