ٻَنڌَڻَ جي سنڌي معنيٰ
پيوند، پيچ، رسا، نوڙ، نوڙيون.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Halters for tying up any thing with, bands.
ٻَنڌَڻَ جا بيتن ۾ حوالا
مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي، پِرِتان پِيتائِين،
تُرَھي سَندِي تارِ ۾، رِٿَ نَہ رَکِيائِين،
ٻَنڌَڻَ جٖي ٻَڌَڻَ جا، سَڀَ ڇِڪِيءَ ڇِنائِين،
دَرياھُ سَڄو دَمَ ۾، لَنئُن سين لَنگهِيائِين،
پِرِتان پيتائِين، مَنجهان سِڪَ ساھَڙَ کي.
[ سُر سھڻي، جيئري، ساھڙ ڌاران، 21 ]

ڪارُون وَسَ ڪِئامِ، ڙي ھئَي ھئَي وو لَڏي ڏُورِ وِئامِ،
مُنھِنجو ھوتُ نَہ موٽِئو،
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگهي مَنجِهہ پييامِ،
ڪَئين قاصِدَ ڪيچِ ڏي، مُحبَنِ لاءِ مُڪامِ،
سَدا سُپَيرِيَن جا، سانڍِڻُ سُورَ پيامِ،
ھوتَ ھَلَندِي جي ڪِئا، نَہ سي سَڏَ سُئامِ،
اُتي عَبدِالْلَطِيفُ چئَي، آرِياڻِي اِيندامِ.
[ سُر حسيني، وايون، 11 ]