وِسَھُ جي سنڌي معنيٰ
ويساھ يا اعتبار ڪر. يقين ڪر.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Do trust, believe.
وِسَھُ جا بيتن ۾ حوالا
پَتَنگُ چائِين پاڻَ کي، ڄيري پَئُہ ڄاڻِي،
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
تانۡ تانۡ تاڻِجِ تاءَ ڏي، جانۡ آڳِ نَہ اُجهاڻِي،
وِسَھُ وِھاڻِي، آڳِ نَہ ڏِجي عامَ کي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، پتنگ ۽ باھ، 3 ]
ڍَٽِ مَ وَڃِجِ ڍولَ، ڪاڻِيارِي ڪاڪِ ڪَري،
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
آئُون اَڳھَيِن آھِيان، ٻَڌِي تُنھِنجي ٻولَ،
توکي سارِئو سُپِرِين، رُئان مَنجِهہ رَتولَ،
ٽِڪاڻا ۽ ٽولَ، وِسَھُ مُون وِھُ ٿِئا.
[ سُر راڻو، راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ، 1 ]
وِسَھُ اِنَهِيءَ ويڻَ کي، جِيئَن دَعوَتَ ڪِي داتا،
مَضمَضا واتا، وِجُهہ تَہ ڏيئِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 1 ]
مَضمَضا واتا، وِجُهہ تَہ ڏيئِي واتَ ۾.
[ سُر بلاول، سمو سلطان ۽ ابڙو، 1 ]
English Meaning
Do trust, believe.