مُھاڙَ جي سنڌي معنيٰ
منھن، مُک مھانڊو، مُھڙ، اڳيون حصو، مھاڳ، مھاڳو، آڳر، اڳياڙي. آڳڌ. مُھاڙي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Face, front, rear, forepart, frontline, preface.
مُھاڙَ جا بيتن ۾ حوالا
جَا مُھاڙَ ميھارَ، سا مينھِيَنِ نَہ ٿِي،
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
ڪَپَرُ ڪارُونڀارَ، ڪِيئَن لَنگهَندِيُون ڪُنڍِيُون.
[ سُر سھڻي، مينھون، چاھڪ، کرڪن، 19 ]
سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي،
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري،
لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري،
سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا ڌُوڙِ ۾.
[ سُر بروو سنڌي، صُورت فانِي ۽ مڙه مقام، 19 ]
جِھَڙا مُنھَن مُھاڙَ، تِھَڙا پُٺِيرا سُپِرِين،
نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 31 ]
نَظَرُ ڪَري نِھارِ، تَہ سَڀَ ڪَنھِن ڏانھَن سامُھان.
[ سُر آسا، نيراني اکڙيون، 31 ]
نَڪو مُنھُن نَہ مُھاڙَ ڪا، نَڪو ڊيگهُہ نَہ ويلُ،
اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 11 ]
اِيءُ اِھوئِي کيلُ، ڪُورُ پَرُوڙي ڪِينَ ڪِي.
[ سُر آسا، کَرُ ۽ حوصلو حيرت، 11 ]
English Meaning
Face, front, rear, forepart, frontline, preface.