ميخَ جي سنڌي معنيٰ
لوھ جي ڪِلي، ڪوڪو، ڪِلو، ڪِيرو، ڪِيري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Staple, hook, iron pin.
ميخَ جا بيتن ۾ حوالا
شينَئُون شَرِيعَتَ جا، تابِعَ ٿِئا تَمامُ،
تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي مَنَ ۾، ميخَ مُدامُ،
ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مُقامُ،
اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ ، آھي تَنِ آرامُ،
جَنَتَ پِيتائُون جامُ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 13 ]