فَرضُ جي سنڌي معنيٰ
خدا جو لازم ڪيل حڪم، قدرت طرفان مقرر ٿيل ڪم، اهو شرعي حڪم جنھن جي نہ ڪرڻ ڪري انسان گنھگار ۽ مذهب کان خارج سمجهيو وڃي. رکيل ڪم، سونپيل ڪم. ذميداري، جوابداري.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
A divine command, a duty the omission of which is considered as a mortal sin.
فَرضُ جا بيتن ۾ حوالا
اَلِفُ اَکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ،
سي حَرَفَ ڌاران ھيڪَڙي، ٻِئو ڪِينَ ٻُجهَنِ،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو، عَينُ عِبادَتَ اُنِ،
قُلۡ هُوَ ٱللَّهُ أَحَدٌ ، ٿا مَنجهان پِرتِ پَڙَهنِ،
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 1 ]

طييَئُون طالِبَنِ کي، ڪو جو پَھُ پِئو،
وَتَنِ پَرَ ڀُون پُڇَندا، ٻِيُون ٻَنِ ڏِئو،
فَرضُ فَنا فِی اللہ جو اُتُنِ عَينُ ٿِئو،
طَلَبُ اللہ تَعاليٰ قَبلَ ڪُلِ شَيءِ فرِيضَةُ ، ڇَڏَڻَ تان نَہ جِھو،
سُڃاڻِي سِھو، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
[ سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، 16 ]