غَرَضُ جي سنڌي معنيٰ
مقصد، ارادو، نيت، منشا، قصد. مطلب، مدعا، معنيٰ، ڪارڻ، سبب، ترغيب، وجھ، تحريڪ. ضرورت، کَپُ، گهرج، ڪاڻ، حاجت، گتي، لوڙ، احتياج، محتاجي، سوڙه. چاھ. خواهش، مرضي. ذوق، دلچسپي، شوق. فڪر، ڳڻتي، پرواھ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Need, want, care for, interest in.
غَرَضُ جا بيتن ۾ حوالا
نَہ ڪا ڪُن فَيَڪُون ھُئِي، نَہ ڪا مُورَتَ ماھَ،
نَہ ڪا سُڌِ ثَوابَ جِي، نَڪو غَرَضُ گُناھَ،
ھيڪائِي ھيڪُ ھُئِي، وَحدانِيَتَ واھَ،
لِکِيائِين لَطِيفُ چئَي، اُتِ ڳُجهاندَرَ جِي ڳاھَ،
مُون تَوِھِين سين آھي، اُھا ساڃاءِ سُپِرِين.
[ سُر مارئي، ڪن فيڪون ۽ قيد، 6 ]