اُنَڙَ جي سنڌي معنيٰ
لس ٻيلي جي ڄام سٻڙ جو ھڪ نالو، ڄام انڙ، سنڌ اندر ھڪ ذات جو نالو پڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Name of Jam Sabar. A caste name of Sindh.
اُنَڙَ جا بيتن ۾ حوالا
سَٻَڙُ ساھَ پَساھَ، جاجِڪَ جِمَ وِسارِيين،
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 2 ]
ريھي رُپي سَندِيُون، تَندُون تُنبي کي پاءِ،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 2 ]
ڪا ڪِيرَتِ سَنڀاھِ، چارَڻَ چوٽاڻِيءَ مَڻي،
وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 3 ]
وائِي ڄاڻي سَڀَڪا، جيڪا ڪَرِيين سا،
لَنگها تُون لِيلاءِ، اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 3 ]
اُٿِي وَرَ اوناءِ، دانھُون دَمبُورَنِ جُون،
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
اَڳِئان اُنَڙَ ڄامَ جي، لَنگها تُون لِيلاءِ،
جوڙِ تَندُون ڪَرِ جاءِ، مَتان سَٻَڙَ جو سَڏُ ٿِئي.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 4 ]
اُنَڙَ ۾ آسَ گهَڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ،
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
مَڱڻَھارَنِ مَپُ، جَو نَہ موٽائي مَڱڻا.
[ سُر جاجڪاڻي، سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار، 17 ]
English Meaning
Name of Jam Sabar. A caste name of Sindh.
اُنَڙَ ٻول جا زمرا