اوڙَڪِ جي سنڌي معنيٰ
پڇاڙي، توڙُ، نڌان. ڇيھ، دنگ، انت. پُڄاڻي، خاتمو. عاقبيت.درياءَ جو ڪنارو. _اوڙڪ اھائي معنا پڇاڙيءَ تائين، توڙ سوڌو)
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
End, up to final, last, limit, horizon, edge
اوڙَڪِ جا بيتن ۾ حوالا
واڍوڙِيَنِ وائِي، سَدا آھي سُورَ جِي،
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
جيڪا اَٿِنِ مَنَ ۾، سَلَنِ نَہ سائِي،
اوڙَڪِ اِھائِي، ڳولِئَو ڏِسَنِ ڳالِهڙِي.
[ سُر يمن ڪلياڻ، حبيب ۽ طبيب، 18 ]
سِڪَڻَ وارِنِ سُٿِرو، جَي دَھشَتَ سان دَرياھُ،
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
اوڙَڪِ اُنِهين جو نَہ رَھي، آرَ بِنان اَرواحُ،
وِيندي ساھَڙَ سامُهيُون، صَدِقو ڪَندِيُون ساھُ،
جِنِ کي حُبَ اُنِهين جِي آھِ، ساھَڙُ ساڻِي تَنِ جو.
[ سُر سھڻي، آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار، 3 ]
ڪُڄاڙو ڏيئِي، آئُون مِڙَندِي پِرِينءَ کي،
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
سِرُ ٿِي سُنَتَ ڀانيان، سَڃِينديَس سوئِي،
اوڙَڪِ اُھوئِي، وِجَهندِيَسِ پيشِ پُنهونءَ جي.
[ سُر آبڙي، ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ، 28 ]
English Meaning
End, up to final, last, limit, horizon, edge