ڪَجَلَ جي سنڌي معنيٰ
ڪَجَلُ. ڏِيئي جي دونھين جي ڪاراڻ ۽ سڻڀ مان ٺاهِيل سُرمون، سُرمي جو هڪ قسم، دُودِ چراغ. ڪَجَرُ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Kohl, soot, lamp, lampblack applied to the eyes for cosmetic or medicinal purposes.
ڪَجَلَ جا بيتن ۾ حوالا
اَکِيُون پِريَمِ تُنھِنجُون، ڪَجَلَ ريءَ ڪارِيُون،
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
مَولا ڏِنَئِي مُنھَن ۾، سُونھَنِ سُونھارِيُون،
کَڻين جَي کارِيُون، تَہ پِہ سَڃِيندي سُورُ لَھي.
[ سُر بروو سنڌي، عاشق اکڙِيُون، 33 ]
سَنِهي لَڪِ نَڪ سَنئين، ڪَجَلَ ڀِنا نيڻَ،
سامُونڊِي مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَهہ لَنگهائِيا؟
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 20 ]
سامُونڊِي مُون سيڻَ، ڪِ تو ڪالَهہ لَنگهائِيا؟
[ سُر سامونڊي، ڳرڻ ۽ چنتا، 20 ]
English Meaning
Kohl, soot, lamp, lampblack applied to the eyes for cosmetic or medicinal purposes.
ڪَجَلَ ٻول جا زمرا