زِيانُ جي سنڌي معنيٰ
نقصان، هرج، ٽوٽو، هاڃو، گهاٽو، خسارو، ضرر، وڻاءُ، ڇيھو، تاوڻ، تاوانُ. ڇُوٽَ، چٽي، اٻوڇي، گاس. بربادي. تباهي.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Damage, loss, detriment, injury, hurt.
زِيانُ جا بيتن ۾ حوالا
وِرھُ جَنِ وَٿاڻُ، سُورُ سَلامِي تَنِ جو،
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
جَنِ لَڳو تَنِ لَکِئو، ٻاروچاڻو ٻاڻُ،
جيڏِيُون ھِيءُ زِيانُ، مُون سين نِسورو نِنڊَ ڪِئو.
[ سُر حسيني، سؤُ سُک ۽ طالب، تات، 8 ]
لاکو لَکِيءَ تي چَڙِهي، لَکِي لاکي ساڻُ،
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
چارِي چاڙھي آيو، واسي راتِ وَٿاڻُ،
جاڙيجَنِ زِيانُ، ڪيڏو ڪِئو ڪَڇَ سين.
[ سُر ڏھر، لاکو ڦلاڻي، ريٻاڙي ۽ اوڏ، 13 ]
English Meaning
Damage, loss, detriment, injury, hurt.