گاھُ جي سنڌي معنيٰ
گڙس، گهاس، ٻوڙي جو قسم، جو مال کائي، چوپائي مال جو کاڌو، چارو، تيلو، چار، چرڳ، ڪک ڪانا سڪل يا ساوا.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Grass, forage, fodder, hay.
گاھُ جا بيتن ۾ حوالا
آيو مُحَرَمُ ماهُ، عِزَتَ ٿِي اَمِيرَنِ کي،
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
توشو ڪِيائُون تَوڻِ جو، ڪاٺِيُون پاڻِي گاھُ،
ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، مَڃِيائُون رَضا رَبَ جِي.
[ سُر ڪيڏارو، ڏٺو محرم ماھ، 3 ]
ڪَنڌِيين اڪَ ڦُلارِئا، سانگِ سُڪو گاھُ،
مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 14 ]
مَھِراڻي وَٽان، رويو راڄُ رَضا ڪَري.
[ سُر ڏھر، ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ، 14 ]
اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُ ڏِينسِ،
آڌِيءَ اِستِغفارَ جو، کَرڙو خاصُ ھَڻِينسِ،
توبَهَ تَلُ ٿاھَرَ ٿَڙا، حَقِيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،
إِنَّ اللَّهَ مَعَ الصَّابِرِينَ ، اِيءَ واتِ ڪَرياڙِي ڏِينسِ،
لَا حَوْلَ وَلَا قُوَّةَ إِلَّا بِٱللّٰهِ ، اِيءُ چاٻُڪُ چَکائِينسِ،
مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوري ٽَھلائِينسِ،
اِنهين حالِ ھَلائِينس، تَہ سُوڌو وَڃي سَيِّدُ چئَي.
[ سُر آسا، من، گولو ۽ جنڊ، 8 ]

سَنِهِيءَ سُوئِيءَ سِبِئو، مُون مارُوءَ سين ساھُ،
ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ،
ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھُ،
پَکَنِ مَنجِهہ پَساھُ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 21 ]
ويٺِي سارِئان سُومَرا، گولاڙا ۽ گاھُ،
ھِنيُون مُنھِنجو ھُنِ سين، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھُ،
پَکَنِ مَنجِهہ پَساھُ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
[ سُر مارئي، ڏيھ ڏاڏاڻي جي خبر، 21 ]
ڄولي پَنھِنجَا ڄَاڻَ
grass
Old English græs, gærs "herb, plant, grass," from Proto-Germanic *grasan (source also of Old Frisian gers "grass, turf, kind of grass," Old Norse, Old Saxon, Dutch, Old High German, German, Gothic gras, Swedish gräs"grass"), which, according to Watkins, is from PIE *ghros- "young shoot, sprout," from root *ghre- "to grow, become green," thus related to grow and green, but not to Latin gr?men "grass, plant, herb." But Boutkan considers gr?men the only reliable cognate and proposes a substrate origin.
Sources:
- A Dictionary of Selected Synonyms in the Principal Indo-European Languages, University of Chicago (By: Carl Darling Buck) 1988.
- Etymological Dictionary of Latin and the other Italic Languages (By: Michiel de Vaan) 2008.
- The American Heritage Dictionary of Indo-European Roots (By: Calvert Watkins) 2000.
- Noun Declension in Indo-European (Sindhueuropaia Deklination Nomnes) By: Carlos Quiles.
- Online Etymology Dictionary (By: Douglas Harper)
English Meaning
Grass, forage, fodder, hay.