مَجلِسَ جي سنڌي معنيٰ
ويھڻ جي جاءِ، ويھڪ، بيٺڪ. ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ، بزم، سڀا، انجمن، سوسائٽي، سماج، اجلاس، ڪؤنسل، ڪانفرنس، جلسو، منڊلي، جماعت. ڪچھري، ڪهچري، محفل، ٽولي، سڳر، ساٿ، مجموعو، ميڙ.
ذريعو:جامع سنڌي لغات
English Meaning
Counsel, society, sitting, meeting, convention, gathering.
مَجلِسَ جا بيتن ۾ حوالا
ساٿَر صِحَتَ سُپِرِين، آھي نَہ آزارُ،
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]
مَجلِسَ ويرَ مِٺو ٿِئي، ڪوٺِيندي قَھارُ،
خَنجَرُ تَنھِن خُوبُ ھَڻِي، جَنھِن سين ٿِئي يارُ،
ساجَنُ رَبُ سَتارُ، سوجهي رَڳُون ساھَ جُون.
[ سُر ڪلياڻ، عشق ۽ معشوق، 5 ]
ويٺي جَنِي وَٽِ، ڏُکندو ڏاڍو ٿِئي،
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
سا مَجلِسَ ئِي مَٽِ، جٖي حاصِلُ ھوءِ ھَزارَ جو.
[ سُر يمن ڪلياڻ، ويڄ ۽ دارُون، 20 ]
English Meaning
Counsel, society, sitting, meeting, convention, gathering.