سِيباڻِي جي سنڌي معنيٰ
وڻيل، پسند ٿيل. مناسب، لائق، دِل گهرِي، خواهان، سيبڻ. سُھائڻ، جُڳائڻ.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Liked, favourite, able, needed.
سِيباڻِي جا بيتن ۾ حوالا
ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي،
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ،
سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،
نِڀاڳَنِ نَوازَ ٿِي، ٽِلَنِ ٿا ٽاٽارَ،
آيو حاتِمُ ھَٿَ ۾، لَنگهي جِيئَن ڀَتارُ.
[ سُر سورٺ، وايون، 1 ]
چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي،
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي،
ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.
[ سُر ڪاپائتي، چائت ۽ محبت، 3 ]
ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي،
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي،
رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.
[ سُر ڪاموڏ، تڙ تماچِي آيو، 10 ]
English Meaning
Liked, favourite, able, needed.