سَڃِينِ جي سنڌي معنيٰ
آڇينِ، پيش ڪن، اعلان ڪن، سڃاڻپ ڪرائن، پيشڪش ڪن.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
Offering, presenting
سَڃِينِ جا بيتن ۾ حوالا
ڪوڙيِين اُڀا ڪيتِرا، وَڍِئو سِرَ سَڃِينِ،
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
جَي پَھتِ نَہ پيئِي سَڄَڻين، تَہ وَڍِيَل ٿا وارِينِ.
[ سُر ڪلياڻ، سُوري، ڪاتي ۽ زھر، 32 ]
توڻي نِينِ نَہ نِينِ، آئُون اُنِين جِي آھِيان،
زورو ھِنَ ضَعِيفِ سين، ڪامِلَ ڪوھُ ڪَرِينِ،
پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ڪَرَھَلَ ھُوءِ نَہ جهِلينِ،
جَتَ پانهِنجِيءَ جُوءِ ۾، جانِبَ مانَ جَٽيِنِ،
ٻانِهي ٻاروچا پانھِنجي، سَڳَرِ مانَ سَڏِينِ،
پِڪَ پَدَمَنِئا اَڳَرِي، سُرِڪِي مانَ سَڃِينِ.
[ سُر ڪوھياري، وايون، 4 ]